اسلام ??باد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي منصوبن کي مڪمل ڪر?? جي لاءِ اسان واضح ۽ ٺوس پاليسيون جوڙيون، نگران حڪومت ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت اسان جي اداراجاتي سڌارن مان فائدو ??ڻندي ۽ آئون پراميد آهيان ته ان ويزن کي جاري رکندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي جي هدفن تي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي حڪومتي ڪارڪردگي جي انگن اکرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت جي 15 مهينن ۾ اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو جڏهن ته ايڪٽيو ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ 13 لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ??حت 90 لک اضافي مستحق ماڻهن ??ائ??ن حڪومتي مدد پهچائي وئي. بجلي جي شعبي ۾ اوڳاڙيون 94 سيڪڙو رهيون. آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي ۽ ترجيح جي ڪري گذريل چئن مهينن ۾ خاطرخواهه اضافو ڪيو ويو. حڪومتي قدمن ۽ پاليسين جي ڪري گذريل مالي سال ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 6.2 ارب ڊالر ??ائ??ن پهچي ويو. گذريل مالي سال ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري 45.1 ارب ڊالر رهي. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ??ائ??نسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ سان ويجهي مستقبل ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيندو. 8.1 کرب جي تاريخي آبا??گا?? پئڪيج ۾ آبا??گا??ن جي مدد ۽ سهولت جا 99 سيڪڙو هدف حاصل ڪيا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي ڌيان جو مرڪز عوامي ڀلائي جا منصوبا هئا. عوامي ڀلائي جي منصوبن کي مڪمل ڪر?? جي لاءِ اسان واضح ۽ ٺوس پاليسيون جوڙيون. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچائي معيشت کي استحڪام ??رف گامزن ڪيو ويو. نگران حڪومت ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت اسان جي اداراجاتي سڌارن مان فائدو ??ڻندي ۽ آئون پراميد آهيان ته ان ويزن کي جاري رکندي. وزيراعظم بين الوزارتي مسئلن جي حل ۽ تعاون وڌائ?? جي لاءِ هڪ ٺوس نظام ??ي موجودگي تي زور ڏنو. وزيراعظم گذريل ڪجهه مهينن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جي هدفن تي اڳڀرائي جي جائزي جي لاءِ 26 اجلاسن جي پاڻ صدارت ڪئي. هن چيو ته اسان ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ جي هڪ اهڙي حڪمت عملي ڇڏي وڃي رهيا آهيون جيڪا ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل وزيرن، ترقياتي حصيدارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سر مائيڪل باربر خصوصي طور تي برطانيا کان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ هو.