اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرامن يوم عاشور تي سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، خاص ڪري پوليس جي اهلڪارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته گهرو وزير ۽ سندس ٽيم، وڏن وزيرن، صوبائي گهرو وزيرن سميت آزاد ڪشمير، گلگت ب??تستان جي آءِ جيز ۽ انتظاميه بهترين انتظامن کي يقيني بڻا??و ته جيئن ماڻهو پرامن مذهبي عقيدو ملهائي سگهن، وزيراعظم چ??و ته سندن ڪوششن سان ڪو به اڻوڻندڙ وا??عو پيش نه آيو.