اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان ۽ وفاقي وزير اسعد محمود گذريل ڏينهن سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان ح??ومت پ??را?? شديد ردعمل ۽ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪي??. مولانا فضل الرحمان چيو ته سوئيڊن جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان ح??ومت جو ان واقعي جي حوالي سان بيانيو س??را??ه جوڳو آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ ات??ادي حڪومت جي ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪي??. ان موقعي تي وزيراعظم ات??ادي پارٽين جي ڪردار کي س??را??يندي چيو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ ات??ادين جي تعاون سان ممڪن ٿيو آهي.