اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ??يرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل کي بند ڪري ۽ ڪش??يري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ??يرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪش??يري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کان مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان جامع مسجد ۾ جمعي جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪش??يرين تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪيو وڃي جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪش??يري نوجوان اڳو??ڻ برهان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ورسيءَ 8 جولاءِ ت?? ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪش??يري نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪش??يري عوام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسان هڪ ??يرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪري ۽ ڪش??يري عوام جي خلاف طاقت جي انڌانڌند استعمال کان پاسو ڪري.