پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پا??ستانين جي وطن جي ترقي لاءِ خدمتن کي خراج تحس??ن پيش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پا??ستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقا?? ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي با??ه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پا??ستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائ??ن پهتا آهيون، پا??ستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پا??ستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پا??ستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پا??ستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني وطن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پا??ستانين جي وطن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحس??ن پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پا??ستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائ??ن پهتا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پا??ستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وزيراعظم چيو ته پا??ستان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ريوائيول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پا??ستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پا??ستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پا??ستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي با??ه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پا??ستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقا?? ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پا??ستانين وزيراعظم کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.