اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان کي سي پيڪ جي صلاحيتن مان ??وري طرح فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان اڄ سي پيڪ جي ڏهاڪي جي مڪمل ٿي?? جو جشن ملهائي رهيو آهي، هي هڪ انقلابي منصوبو آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل 10 سالن جي هڪ متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي ته منهنجي قائد نواز شريف جي قائداڻي ڪردار جي ڪري ڪهڙي طرح شي جن پنگ جي ”مضبوط ڀائيچاري“ جو ويزن سي پيڪ فر??م ورڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تبديل ٿيو، آئون گواهه آهيان ته ڪهڙي طرح هن توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي نگراني ڪئي، تفصيلن کي بهتر بڻائڻ، اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ٽائيم لائينز کي يقيني بڻائڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳايا. هن چيو ته ان جي نگراني کانسواءِ اسان سي پيڪ منصوبن کي ا?? رفتار ۽ ڪارڪردگي سان ??ڪمل نه ڪري سگهون ها جيڪي اسان ڪيا هئا جڏهن ته منهنجي خيال ۾ اسان اڃا به سي پيڪ جي صلاحيتن مان ??وري طرح فائدو نه کڻي رهيا آهيون، هي هڪ قابل قدر مقصد آهي جنهن سان ??نهنجي ذاتي ۽ حڪومت جي پڪي وابستگي آهي.