انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز پاڪستان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان مطاب?? وزيراعظم م??مد شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن واري بو??ڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي صدر نيل اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعمير??تي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن واري بو??ڊ جي صدر وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.