اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم ڪئي جڏهن ته پولش وفد جي قيادت پولينڊ جي پرڏيهي وزارت جي اندر سيڪريٽري ووبچ گيرويل ڪئي. پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماڪيج پسارسڪي پڻ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي، ڊيري ۽ زراعت، مالياتي شعبي، دفاع، لڏپلاڻ ۽ چرپر، اعليٰ تعليم ۽ ويزا نظام ک?? هم آهنگ ڪرڻ جي شعبن ۾ تع??ون کي وڌائڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوس ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تع??ون جي حوصلا افزائي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تع??ون جو جائزو ورتو. هن اهم معاملن تي موجود هم آهنگي ?? گهڻ رخي فورمن تي تع??ون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. مشاورت جو ايندڙ دور 2024ع ۾ وارسا ۾ ٿيندو.