اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته سوڊان ۾ ڦاٿل 1000 کان وڌيڪ پاڪستانين کي ڪامياب ۽ محفوظ طريقي سان ڪڍڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي ٽيم ۽ ٻين ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳي??ن آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اتان جي حالتن جي ڏس ۾ اهو يقينن هڪ مشڪل ڪ?? هو جيڪو وقت سر ۽ ٺوس قدمن جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستانين جي وطن واپسي جي مشن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد تي سعودي عرب ۽ چين جا ٿورائتا آهيون.