اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر عبدالولي ڪاڪڙ گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي گورنر وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي تي خراج تحسين پيش ڪيو. بلوچستان جي گورنر وزيراعظم کي ص??بي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي ص??رتحال جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.