لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف ش??بن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ ۾ دلچ??پي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف دولت مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري تقريبن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف ش??بن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ٻنهي ملڪن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچ??پي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي حوالي سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.