اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيل??گ هڪ منظم طريقيڪار آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق س??ن گڏوگڏ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاو?? جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ٽيون دور جولاءِ 2021ع ۾ چي?? جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.