اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ڪردار نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪري ۽ پاڪستان ??ان گڏ بيهي. قانون واري وزير سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن تقريبن جي موقعي تي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي، مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو موقعو ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هت?? پنهنجي خيالن جو اظهار جو موقعو ڏيڻ اهم قدم آهي، سينيٽ چيئرمين سڀني ??ي گڏجي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته هو هتي ويهي سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا تاريخ جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سينيٽ جو ڪردار عالمي فورمن تي نمايان رهيو آهي، پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چيو ته عالمي برادري کي اسلام آباد ۾ موجود سفارتڪارن جو هڪ وڏو تعداد هتي موجود آهي ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندس، گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عالمي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو آهيان ته پاڪستان جو عالمي گدلاڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر ا??ان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. ا??ان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پاڪستان ??ان گڏ بيهي، ا??ان سڀني ??ي پاڪستان ??ان گڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ هي مشڪل وقت آهي، پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ ا??ان سڀ گڏ بيٺل آهيون.