اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي عو??ت سفارتڪارن کي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندي بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ پاڻ کي پيشيواراڻي مهارت جي علامت ثابت ڪرڻ تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ عو??تن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي عو??ت سفارتڪارن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستان جي عو??تن اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهي ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور حصو وجهي رهيون آهن. هن چيو ته انهن خدمتن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڌيڪ اهو ته پاڪستان جون عو??تون سدائين نوان معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. هن ملڪ جي خدمت ۾ عو??ت پاڪستاني سفارتڪارن جي شاندار خدمتن جو اعتراف ڪيو جيڪي روايتي جوش، جذبي ۽ محنت سان پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪري رهيون آهن. عو??ت سفارتڪارن پينل مباحثي ۾ پنهنجي ملڪن جي لاءِ انهن پاران ادا ڪ??ل اهم ڪردار تي روشني وڌي. بحث ۾ حصو وٺندڙن ۾ پاڪستان ۾ مالديپ جي هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر، آسٽريا جي سفير اينڊرياوڪ، پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا، چين جي ناظم الامور پينگ چنڪسو ۽ فلپائن جي ناظم الامور ماريا اگنيس شامل هيون. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ان جي وزارت جو 45 سيڪڙو حصو عو??تن تي ٻڌل آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ مثالي پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جي 51 سيڪڙو عو??ت آبادي کي هڪ قابل قدر افرادي قوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عو??تن جو ڏينهن ملهائيندي عو??تن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي مردن جي تعاون تي ٻڌل ڪردار جو پڻ اعتراف ڪرڻ جي ضر??رت آهي. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ۽ ڊائريڪٽر ايشيا بحرالڪاهل ممتاز زهره بلوچ ??نهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انهن عو??ت سفارتڪارن کي ساراهيو جن پنهنجي ملڪن جي لاءِ جوش ۽ جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي سفارتڪاري جي شعبي ۾ نئين بلندين تي پهچڻ ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ تي پاڪستاني عو??تن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.