اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورت انٽر پرينيور جو ملڪي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، اس??ام آباد وومين چيمبر آف ڪامرس سان گڏوگڏ اس??ام آباد چيمبر آف ڪامرس جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عور??ون مجموعي ملڪي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، جيڪي ملڪي معاشي ترقي ۾ مردن سان گڏ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??ام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ عور??ون انٽرپرينيور جي حوصلا ??فز??ئي جي لاءِ ”هر هنر“ نمائش جي پري لانچنگ تقريب ۽ نمائش جي آفيشل لوگو جي رونمائي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد عورت انٽرپرينيور جي حوصلا ??فز??ئي جي لاءِ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ان ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندي. هن چيو ته عورتن جي لاءِ هڪ جدا پليٽ فارم طور ٽي ڊيپ هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي جنهن سان ڏورانهن علائقن جون عور??ون ان نمائش جي لاءِ اچي رهيون آهن. هن چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ اهو ضروري آهي ته مرد عورتن جي مدد ڪن.
وفاقي سيڪريٽري چيو ته عور??ون انٽرپرينيور جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان حوالي سان عورتن کي واپار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تقريب کي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير پڻ خطاب ڪيو، هن چيو ته عورت انٽرپرينيور کي گلوبل سطح تي متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ ٽي ڊيپ ڪاروباري عورتن جي ترقي ۽ ان جي فروغ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ان موقعي تي ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مريم ممتاز هر هنر نمائش جي مقصدن بابت پريزنٽيشن ڏني ۽ ٻڌايو ته عور??ون انٽرپرينيورز جي حوصلا ??فز??ئي جي لاءِ نمائش 4 کان 5 مارچ پاڪ چائنا فرينڊشپ اس??ام آباد ۾ منعقد ٿيندي. جنهن ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي اترين علائقن جون عور??ون انٽرپرينيورز پنهنجي مصنوعات جي نمائش ڪنديون. تقريب کي اس??ام آباد وومين چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر رضوانه چوڌري، آءِ ٽي ايڪسپرٽ سدره چيما ۽ ماهنور فا??مه پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ پاڪستان حڪومت واپار واري وزارت ۽ ٽي ڊيپ جا قدم ساراهه جوڳا آهن. تقريب کي اس??ام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري چيو ته ملڪي معاشي ترقي خاص طور تي عورت انٽرپرينيورز جي ترقي لاءِ واپار دوست پاليسين جو فروغ ۽ عورت انٽرپرينيورز کي سهولتن جي فراهمي تمام اهم آهي. هن چيو ته عورتن کي معاشي خودمختيار بڻائڻ ۽ معاشرتي خوشحالي جي لاءِ اهڙي قسم جون نمائشون تمام گهڻيون لاڀائتيُون ثابت ٿينديون.
تقريب جي پڄاڻي تي اس??ام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر احسن ظفر بختاوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد نصير کي سووينيئرز پيش ڪيا ويا.