اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مري پ??يس ڪلب جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون و??ن. ??طلاعات واري وفاقي وزير مري پ??يس ڪلب جي ??فد جا مسئلا ??يان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مس??لن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صحافين جي درپيش مس??لن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??فد ۾ مري پ??يس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.