اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ع??لمي شهرت يافته ناليواري هدايتڪار، صداڪار، اداڪار، ليکڪ ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته ضياءَ محي الدين پنهنجي ذات ۾ هڪ فن پارو هو سندس مخصوص انداز پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌوم مچائي. افسوس آهي ته ڪيترين ئي خوبصورت خوبين جو مالڪ شخص لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم چ??و ته ضياءَ محي الدين پاڪستان ۾ ٽيليويزن هوسٽنگ کي هڪ نئين رخ کان روشناس ڪرايو ۽ عالمي سطح تي اداڪاري ذريعي پاڪستان جو نالو ٻاهرئين ملڪ روشن ڪيو. نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جي صدر طور هن نئين ايندڙ فنڪارن جي تربيت ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ محي الدين جو آواز اسان جي ذهن ۾ گونجندو رهندو. وزيراعظم چ??و ته ان جي صلاحيتن ۽ ان جي خدمتن کي خراج ??قيدت پيش ڪريون ٿا. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.