ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات جي پهرين ڏينهن اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ابوظهبي جي صدارتي محل ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم ??ڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي ??ي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان دبئي ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم اماراتي سيڙپ??ار ڪمپنين جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم ??ڏيل عرب امارات جي قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ، واحته الڪرامه به ويندو.