اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 9 جنوري ي ٿيندڙ جنيوا ڪانفرنس پاڪستان کي موسمياتي لحاظ کان هڪ مضبوط ملڪ بڻجڻ طرف وڌڻ جي لاءِ معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندي. سال 2022ع جي لاءِ ايوان صدر جي جائزه دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چي?? ته پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ٻوڏ جي ڪري موسمياتي تباهي سان بري طرح متاثر ٿيو آهي ۽ ان کي اربين ڊالر جو نقصان کڻڻو پيو. هن ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ دوست ملڪن، هٿياربند فوج، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول انتظاميا جي تعاون کي ساراهيو. هن چي?? ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تمام وڌيڪ نقصان ٿيو جيئن ته ميلن تائين زمين اڃا به پاڻي ۾ ٻڏل آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو آبادي معذوري جو شڪار آهي، خاص طور تي معذور ماڻهن کي مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ٻارن کي خصوصي ماڻهن سان همدردي جو سلوڪ ڪرڻ سکڻ گهرجي. انهن خصوصي ٻارن کي مناس?? تعليم ۽ روزگار ڏنو وڃي ته جيئن اهي معاش??ي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ۽ ٻين تي دارومدار کانسواءِ زندگي گذاري سگهن. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته عورتن کي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن ۽ جڏهن اهي گهرن کان ٻاهر نڪرن ته انهن کي هراسمينٽ کان بچايو وڃي. هن چي?? ته پيغمبر اسلام (ص)، قائداعظم ۽ علامه اقبال عورتن جي حقن جي وڪالت ڪئي، اسلام پهريون ڀيرو عورتن کي جائيداد جا حق ڏنا، عورتن کي تعليم جو حق ملڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي لاڳو پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ۾ عورتون هاڻي آن لائين بئنڪ اڪائونٽس کولي سگهن ٿيون ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڪيش سڌوسنئون انهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ وڃي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار آهي. صدر چي?? ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ انهن جي مهم نتيجاخيز رهي ۽ ماڻهو هاڻي ان بيماري بابت ڳالهه ڪرڻ لڳا آهن. هن چي?? ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي هڪ سروي موجب هن وقت ملڪ ۾ 24 سيڪڙو ماڻهو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهن، دماغي مسئلن ۾ مبتلا ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ هنگامي ذهني صحت جي هيلپ لائين قائم ڪرڻ گهرجي. صدر چي?? ته هن وفاقي محتسب پاران وفاقي حڪومت جي کاتن جي خلاف ان وٽ موڪليل ڪيترين ئي شڪايتن کي حل ڪيو آهي. هن چي?? ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ شاگردن کي تربيت ڏئي تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ استحڪام ۽ مستقبل جي حوالي سان دورانديش حڪومت جي ضرورت آهي، هن شاگردن تي زور ڏن?? ته اهي حڪومتي پروگرامن مان تربيت جي لاءِ فائدو حاصل ڪن. صدر چي?? ته کيس يقين آهي ته پاڪستان ۾ پولنگ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون ئي واحد حل آهي، عوام سياست ۾ ڀرپور حصو وٺي، ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي ۽ ايندڙ حڪومت کي مضبوط ڪري. هن چي?? ته پاڪستان کي سي??سي پولرائيزيشن ۽ سي??سي رواداري جي کوٽ جو بحران درپيش آهي. منهنجو هدف سي??سي درجه حرات کي گهٽ ڪرڻ آهي ۽ اسان کي چونڊن طرف وڌڻ گهرجي. مون چونڊن ۽ معيشت جي مسئلن تي سمورين ڌرين سان مفاهمت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان کي معاشي دٻاءُ درپيش آهي جنهن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ اوڳاڙين ۾ گهٽتائي شامل آهي. صدر معاش??ي ۾ تعليم، خانداني قدرن، سخاوت ۽ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.