اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آ??ي ته پاڪستان جو واحد پرڏيه?? وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ٿو ۽ هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريان ٿو. پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي ??ن چيو ته آئون پنهنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي تي نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته بطور پرڏيه?? وزير منهنجو استحقاق آهي. پرڏيه?? وزير چيو ته منهنجي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو منهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿيو آ??ي. سندس محنت جي ڪري پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪتو آ??ي. پرڏيه?? وزير چيو ته سندس دورن جي ڪري پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستان هن وقت جي 77 يعني پوري دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي اتحاد جي قيادت ڪري رهيو آ??ي. ??ن چيو ته اسان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو جيڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪامي??بي آهي. ??ن چيو ته توهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙهو. دنيا جي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪيو آ??ي ته عالمي فنانشل ادارا امير ملڪن بدران غريب ملڪن کي فائدو ڏين.