اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنر?? جي دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي وفاقي وزير ۽ واپار وا??ي وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.