ڪراچي – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري صنعتڪار مرحوم ايس ايم منير جي گهر ويو ۽ سندس لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول ثمينه ع??وي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر مرحوم جي ڀائرن ۽ پٽن سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو. صدر ف??تحه خواني ڪئي. هن چيو ته ايس ايم منير سندس وڏي ڀاءُ وانگر هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.