اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي بهتري ل??ءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، سمورن ملڪن س??ن مضبوط لاڳاپن س??ن عوام ۽ ملڪ جي بهتري جي ل??ءِ ڪم ڪري سگهون ٿا، اسان جو ڌي??ن پاڪستان جي مفاد کي مٿانهون رکڻ آهي، گذريل 5، 6 مهينن جي پرڏيهي پاليسين س??ن ملڪ کي فائدو ٿيو آهي، پاڪستان آمريڪا سان برابري جي بنياد تي ل??ڳاپا چاهي ٿو، آمريڪا سان معاشي ۽ واپاري ل??ڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ماضي جي غلطين مان س??ق سکي اڳتي وڌڻو پوندو، متفقه طور تي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي حڪمت عملي ٺاهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريڪي سازش جي بيانيي تي عمران خان يوٽرن وٺي ورتو آهي، عمران خان جي تازه ترين يوٽرن کي ڀليڪار چئون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته عهدو سنڀاليو ته ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪ آمريڪا رابطن ۾ گهٽتائي جي ڪري ٻنهي ملڪ?? ۾ ??سئلا جنم وٺن ٿا، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تاريخي ل??ڳاپا آهن، آمريڪا مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي س??ن پاڪستان جو حصيدار رهيو آهي، جڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا جي و?? ۾ ??ڇوٽي پيدا ٿين ته ٻنهي ملڪن جي ل??ءِ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون. هن چيو ته اسان جي بهترين پاليسين جي ڪري پاڪستان جي يورپ ۾ روانگي واپار ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس پاڪستان جي ل??ءِ ڪامياب رهيو، شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ پاڪستان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چيني منصب سان ڳالهه ٻولهه ٿي، دهشتگردي، معاشي ۽ سياسي معاملن تي چين جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي، چيني پرڏيهي وزير ۽ ٻين عملدارن س??ن ملاقات کانپوءِ اسان مثبت رخ ۾ وڃي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستا?? ۾ ??وسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصان جو ڪيس پوري دنيا آڏو رکيو، دنيا کي اپيل آهي ته اها ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ميمبر ملڪن س??ن لاڳاپ?? ۾ ??ثبت اڳڀرائي رهي، وچ ايشيائي ملڪن ۽ ترڪيه سان اسان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري ڪجهه يورپي ملڪن جو دورو ملتوي ڪيو، آفريقي ملڪن س??ن گڏ پڻ ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي. هن چيو ته اس??ن پرڏيهي پاليسي کي جهڙي طرح پيش ڪري رهيا آهيون ان جا مثبت اثر پيا، افغانستان جي حوالي سان ماضي جي غلطين کي ورجائڻ نه گهرجي، افغانستان جي عبوري حڪومت دنيا سان ڪيل واعدا پورا ڪري ۽ عالمي برادري کي افغانستان انگيج ٿيڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ عورتن سميت ماڻهن کي حق ملن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيٽف ۾ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان فيٽف جي سموري ايڪشن پلان تي عمل ڪيو، جيڪي ملڪ پاڪستان کي گري ل??ٽ تان هٽائڻ جي مخالفت ڪندا هئا انهن ئي گري ل??ٽ مان ڪڍڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته ڪوشش ڪنداسين پاڪستان به فيٽف جو حصو بڻجي. پرڏيهي وزير چيو ته پسند ناپسند کان هٽي ڪري افغانستان س??ن انساني بنيادن تي ل??ڳاپا چاهيون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ان دوري دوران ٻنهي ملڪن 17 معاهدن تي صحيحون ڪيون، هي دورو ان لحاظ کان اهميت رکندڙ آهي ڇو ته اهو ڪنهن به اڳواڻ جو چين جو تازن ڏينه?? ۾ ??هريون دورو هو جيڪو پاڪ چين دوستي جو ثبوت آهي. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير بلنڪن ۽ ٻين عملدارن س??ن يو اين فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقاتون ٿيون، آمريڪا س??ن پاڪستان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپي يونين جي ملڪن س??ن لاڳاپن کي اڳتي وڌايو آهي، انهن ئي ملڪن پاڪستان کي فيٽف جي گري ل??ٽ مان ڪڍي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس جي حيثيت حاصل ڪئي هئي، ان جو پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيو آهي، جي ايس پي پلس س??ن پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ يورپي يونين جي عوام ۽ ملڪن کي به فائدو ٿيو آهي، چاهيون ٿا ته ان کي توسيع ڏ??ي وڃي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ اپيل ڪئي آهي، حڪومت ڪشمير مسئلي کي به عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، پاڪستان جرمني جي پرڏيهي وزير جي ڪسمير بابت موقف جي آجيان ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ ڪشمير جي حوالي سان غيرقانوني قدم کنيا جيڪي نه رڳو گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪست??ن پنهنجي سمورن پاڙِسرين س??ن پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي روس جي صدر پيوٽن س??ن ملاقات ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ايران جو دورو ڪيو جنهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪائونسل جو اجلاس 5 سالن کانپوءِ ٿيو. ايران – پاڪستان گئس پائيپ لائين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرڏيهي وزير بڻجڻ کانپوءِ پهريون ٻطرفو چين جو دورو ڪيو، چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي ۽ هيستائين اهو سلسلو مثبت انداز ۾ هلي رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جو فوڪس پاڪستان جي مفاد کي اڳتي رکڻ آهي، اس??ن پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان مشڪل دور مان گذري آيا آهيون.