اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??قيقت کان هٽي ڪري بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ شايع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪي?? ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ آهي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ کان وٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ڇو ته کيس پڪو يقين آهي ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان لاءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان لاءِ ته ??هو معاملو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪري سمورن دستياب واقعاتي ثبوتن سميت پوري معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ضروري آهي. هن چيو ته ??سان ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته ??ائفر جا قومي سطح تي اثر پيا ۽ ان جي ڪري سياسي هلچل پيدا ٿي. ان لاءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪي?? ڊيمارش کان هٽي ڪري به غيرجانبداراڻي انڪوائري جي درخواست ڪئي. اها بدقسمتي جي ??ال??ه آهي ته ??در جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده معاملي تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪي?? ويو جنهن سان سنگين اثر پيا. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسواءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حقيقت کان هٽي ڪري“ تصويرڪشي جي اثر بابت ??ال??ه ڪري چڪو آهي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪي?? بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.