اس??ام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضا??يه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪاررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ ??ضا??يه جي ترجمان مطابق پاڪ ??ضا??يه جا اهلڪار ٻوڏ متاثر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙي??ن بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنه??جي ڀرپور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ ??ضا??يه جي قائم ڪيل ميڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ متاثرن ۾ وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پاڻيءَ سبب بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ اُلٽين جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ ??ضا??يه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ ??ضا??يه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ ج??ن بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ ??ضا??يه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.