اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف مل??ه برطانيا اي??زبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس ک?? تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ مل??ه اي??زبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان س??ن گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خط ۾ چيو ته بحيثيت مل??ه برطانيا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ مل??ه اي??زبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مل??ه اي??زبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد مل??ن جي تنظيم بڻجي وئي. وزيراعظم چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود مل??ه اي??زبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطانيا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي مل??ه اي??زبيٿ جي لاءِ سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ مل??ه اي??زبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، ??رطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.