گڏيل ??ومون -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کي پاڪستان لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي اپيل ڪندو. چين جي خابرو اداري مطابق گڏيل ??ومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو ??يون حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي ۽ هو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عالمي برادري کان وڏي پئماني تي مدد جي اپيل ??اءِ پاڪستان وڃي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان کي عالمي برادري طرفان ڀرپور امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته هوءَ عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت يوڪرين جنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسميا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان چاڊ، آفريقه جيڪي سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيا آهن اتي هن وقت سڀ کان وڏو خطرو جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي اهي موسميا??ي تبديلين جا اثر آهن. هن چيو ته جيڪا صورتحال اڄ پاڪستان کي درپيش آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ سان به پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته موسميا??ي تبديليون هن دور جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهن ۽ان کي عام مسئلو سمجهي، عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ خودڪشي هوندي.