اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ر??يف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ فضائيه طرفان رليف ۽ بح??لي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جي ايئر موبلٽي ڪمانڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ??وڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ فضائيه جي اي??رج??سي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پاڪ فضائيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ فضائي?? جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ فضائي?? جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.