اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ان جي هر گز اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئن سالن جي حڪومت جي دور ۾ جعلي ٽوئيٽر هينڊلرز، يوٽيوبرز ۽ بلاگزر جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي وئي جنهن جا تفصيل جلد ئي ايوان ۾ پيش ??نداسين. قومي اسيمبلي ۾ طاهره اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وري وزير مريم اورنگزيب چيو ته 2004ع کان بجلي جي بلن ۾ پي ٽي وي لائسنس فيس وصول ڪئي پئي وڃي، اهو سڄو عمل وڏي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪيو و??ند?? آهي، پيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ 18 -2017ع کان 22 -2021ع گذريل 5 سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 94 ڪر??ڙ 35 لک 39 هزار 147 روپيا بجلي جي بلن جي ذريعي ٽي وي لائسنس فيس جي مُد ۾ وصول ڪيا ويا، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزير چيو ته جڏهن به اخلاقيات جي ابتڙ ڪو اشتهار هلندو آهي ته پيمرا سيڪشن 27 تحت نوٽيس وٺندي آهي، اهڙن اشتهارن تي ڏنڊ وڌو و??ند?? آهي ۽ بند ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ايڊٽ ڪري درست ٿي سگهي ٿو ته ايئن به ڪيو و??ند?? آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اطلاعات وا??ي وزارت جي ڪنهن به اداري ۾ قاعدن جي ابتڙ ڀرتيون ٿيون آهن ته اسان ا??ند?? ئي ايڪشن کنيو آهي، اسان اهڙن ماڻهن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون و??ند??ون آهن، اهڙي طرح جي ڀرتين سان ادارا تباهه ٿي ويندا آهن، هن چيو ته اطلاعات وا??ي وزارت جي ماتحت ٻين ادارن ۾ جتي به اهڙي قاعدي جي خلاف ڀرتيون ٿيون آهن اسان ڪميٽي ٺاهي ان جو نوٽيس ورتو آهي، نور عالم خان جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني فوج، عدليه ۽ ٻين اهم رياستي آئيني ادارن کي بدنام ڪرڻ آئين جي خلاف قدم آهن، ان جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پي ٽي اي سائبر ونگ 2016??، ايف آءِ اي سائبر ونگ پيڪا کي ڊيل ڪندو آهي، اطلاعات وا??ي وزارت ۾ پيمرا ريگوليٽ ڪندي آهي، پيمرا پهرين وا??ننگ ڏ??ند?? آهي پوءِ به جيڪڏهن ڄاڻايل چئنل خلاف ورزي جو مرتڪب ٿ??ند?? آهي ته پيمرا پنهنجي قانون تحت ڏنڊ وجهڻ يا چئنل بند ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽوئيٽر جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ذريعي ادارن کي نشانو بڻايو ويو، چئن سالن تائين جعلي ٽوئيٽرز اڪائونٽس، يوٽيوب ۽ بلاگرز جي ذريعي رياستي ادارن جي خلاف مهم هلائي وئي جلد ئي ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ??نداسين.