اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت سان گڏجي 7 ڪلوميٽر جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئ??. هن ??اق??ي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ ج?? پڻ هدايت ڪئ??. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا برن سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چ??ر زخمين جي جلد صحتيابي ج?? پڻ دعا ڪئ??.