اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ارسلاوا?? ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پا??ستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پا??ستان يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پا??ستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس انتظامن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پا??ستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ارسلاوا?? ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پا??ستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ، ??يڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي تيز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.