اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪيءَ جي صدر رجب طي?? اردوان وزيراعظم چونڊجڻ تي ??بارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وز??رت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ??بارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ان خبر تي تمام گهڻو خوش آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي ڀائراڻي لاڳاپن ?? وڌيڪ مضبوطي ايندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ بااعتماد ڀائر آهن، ٻنهي جي لاڳاپن ?? وڌيڪ ويجهڙائپ آڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون ڪرڻ ۽ مبارڪباد تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.