اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن کي ڪنهن بلاڪ ۾ ورڇ ۽ تڪرارن ۾ الجهڻ جي ??دران امن جي لاءِ پنهنجي ??اقت ظاهر ڪرڻ گهرجي، بنيادي ايشوز ت?? او آءِ سي کي هڪ متحد فرنٽ بڻائڻو پوندو، اسان تڪرارن جا امن جا حصيدار آهيون، دنيا ۾ اسلام رڳو هڪ ئي آهي، اسلامي قدرن کي جيتري قدر خطرا هن وقت آهن ماضي ۾ نه هئا، انهن جي ??حفظ جي لاءِ قدم کڻڻا آهن، عالمي قانون گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ??اوجود فلسطين ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي انهن جي ??نيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي ??دارڪ جي لاءِ 15 مارچ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ??اريخي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي وڏي ڪاميابي آهي، مسلمان ملڪن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي م ڪور ايشوز ت?? متفق ٿي اڳتي وڌڻ جي ??رورت آهي، روس يوڪرين جنگ ۾ او آءِ سي ثالث جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ان تڪرار سان دنيا ۾ پيٽرول ۽ ڪڻڪ سميت جنسن جون قيمتون وڌي رهيون آهن، هڪ مستحڪم افغانستان عالمي دهشتگردي کي روڪڻ جو واحد رستو آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ??فتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس کي او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي ??در سليمان الجاسر، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل فرحان بن السعود، چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قازقستان جي نائب وزيراعظم، تيونس جي پرڏيهي وزير کانسواءِ ٻين پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي ??جيان ڪندي پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته توهان هڪ اهڙي وقت ۾ هتي موجود آهيو جتي اسان پاڪستاني پنهنجو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي ??لاف عالمي ڏانهن ملهائڻ جي قرارداد جي گڏيل قومن مان منظوري هڪ وڏي ڪاميابي آهي، ان تي اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. 15 مارچ تي اهو ڏينهن ملهائڻ جي چونڊ ان لاءِ ڪئي وئي ته 15 مارچ تي ئي نيوزيلينڊ ۾ هڪ هٿياربند شخص مسجد ۾ داخل ٿي 50 مسلمانن کي شهيد ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته هو سمورن مسلمانن کي دهشتگرد سمجهندو هو. نائن اليون کانپوءِ بدقسمتي سان اهرو بيانيو ٺاهيو ويو جنهن ۾ اسلام کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان ڳنڍيو ويو. مسلمان ملڪن ان بيانيي جي ??دارڪ جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اسلام ڪيئن دهشتگردي جي ??رابر ٿي سگهي ٿو، ڪو ملڪ مسلمانن جي وچ ۾ جدت، روشن خيالي ۽ انتهاپسندي جي ??نياد تي ڪيئن فرق ڪري سگهي ٿو، مسلمان ملڪن کي ان تي بيهڻ گهرجي ها، جڏهن ته اسان جي ??ڪثر رياستن جي ??ن وقت مسلمان حڪمرانن ان تي ٺوس موقف اختيار ڪرڻ ب??ران پنهنجو پاڻ کي روشن خيال ۽ اعتدال پسند قرار ڏنو جنهن سان بدقسمتي سان اهو تاثر بڻجي ويو ته اسلام ۾ لبرل، ماڊريٽ ۽ ريڊيڪل مختلف قسمون آهن پر اسلام رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو محمد عربي خاتم النبيين ﷺ جو اسلام آهي. هن چيو ته اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي ??مل سان سڀ کان وڌيڪ اولهه ۾ مسلمان متاثر ٿيا. اتي هر دهشتگردي کانپوءِ فوري الزام اسلام تي لڳايو ويو. هن چيو ته ڪو معاشرو ڪيئن ڪجهه جنونين جي ??رڪت جو ذميوار ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي ??لطين مان نه سکنداسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته 1989ع ۾ شيطاني آيتن جي نالي سان هڪ مسلمان گستاخانو ڪتاب لکيو، ان کانپوءِ دانشوراڻو رويو اختيار ڪرڻ ب??ران معذرتخواهه رويو اختيار ڪيو ويو. مسلمان دنيا پاران ان حوالي سان گڏيل طور تي جواب نه ڏنو ويو. ان کانپوءِ تسلسل سان گستاخانا مواد ۽ ڪارٽون شايع ڪيا ويا. خوشي آهي ته پهريون ڀيرو اهو تسليم ڪيو ويو ته اسلامو فوبيا هڪ نفرت انگيز شيءَ آهي. اسان کي پنهنجي ??ياني کي اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي. پاڪستان دنيا ۾ اسلام جي نالي تي قائم ٿيندڙ واحد ملڪ آهي جنهن جي قرارداد مقاصد ۾ مديني جي ??ي??ست جي ??نياد تي اسلامي جمهوريه قائم ڪرڻ جو تصور ڏنو ويو. آئون مديني جي ??ي??ست جي ??نياد تي فلاهي ري??ست قائم ڪرڻ جي لاءِ سي??ست ۾ آيس. دنيا جي ??ڀ کان پهرين جديد فلاحي ري??ست حضرت محمد ﷺ ٺاهي. هن هڪ بهترين تهذيب ۽ اسلامي تاريخ جو بنياد رکيو. مديني جي ??ي??ست هڪ عظيم انقلاب هو. نبي پاڪ ﷺ رڳو مسلمانن جي لاءِ نه پر پوري امت جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ هئا. وزيراعظم چيو ته جن ملڪن مديني جي ??ي??ست جا اصول اختيار ڪيا انهن خوشحالي ماڻي. نبي ﷺ جي 10 سالا مديني جي ??ندگي ۾ رڳو 1200 ماڻهو ماريا ويا ۽ سموري عرب تي مسلمانن جي ??ڪمراني قائم ٿي وئي. اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو جو اتي قانون جي ??ڪمراني هئي، ڪو قانون کان مٿانهون نه هو. غريب ملڪن ۾ غربت جو بنيادي سبب وائٽ ڪالر ڏوهن کي نه پڪڙڻ آهي. اتي وسيلن جي کوٽ نه آهي. گڏيل قومن جي ??پورٽ موجب ساليانو 1.6 ارب ڊالر انهن ملڪن مان ڪڍيا وڃن ٿا، اسرندڙ ملڪن ۾ عربت وسيلن جي کوٽ جي ڪري نه ڪرپشن جي ڪري آهي. هن چيو ته قائداعظم هن ملڪ کي اصل مديني جي ??ي??ست ٺاهڻ چاهيندو هو، اولهه ۾ پنهنجي ??انورن جو ايترو خيال رکيو وڇي ٿو جيترو اسان پنهنجي ??نسانن جو به نه ٿا ڪريون، سوئٽزرلينڊ ۾ قانون جي ??ڪمراني 99 سيڪڙو آهي، اتي وسيلا نه هجڻ جي ??اوجود دنيا جو خوشحال ملڪ آهي. جيڪو به مديني جي ??ي??ست جي ماڊل تي هلندو اهو خوشحال ٿيندو. وزيراعظم چيو ته علم مومن جي ميراث آهي. اسلام ۾ ان جي ??هميت جو اندازو ان حديث مان ٿئي ٿو جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ حڪم ڏنو ته علم هاصل ڪريو ڀلي چين وڃڻو پوي. اڄ مسلمان دنيا ان ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي. وزيراعظم چيو ته عورتن کي انهن جو حق ڏيڻ نبي ڪريم ﷺ پاران هڪ انقلابي قدم ??و. 1400 سال اڳ عورتن کي اهو حق ڏنو ويو. هي اهو نظام آهي جيڪو مديني جي ??ي??ست ڏنو. اهو اسلام هو جتي غلام بادشاهه بڻجندا هئا، ڀارت ۾ غلامن جي هڪ خاندان حڪمراني ڪئي. 600 سال اڳ برطانيا ۾ قانون جي ??ڪمراني جي لاءِ ميگنا ڪارٽا تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ جيترو جانورن جو خيال رکيو وڃي ٿو اسان پنهنجي ??نسانن جو نه ٿا رکون. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو عورتن کي وراثت ۾ حق نه ٿا ڏنا وڃن. اسان ان حوالي سان قانونسازي ڪئي آهي. مديني جي ??ي??ست ۾ غلامن سان خاندان جي ڀاتين جي ??رابر سلوڪ ڪيو ويندو هو. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي جو هڪ تصور اسلامي قدرن جو تحفظ هجڻ گهرجي ڇو ته اسلامي قدر جيترا هن وقت خطري ۾ آهن اڳ ۾ نه هئا. هن چيو ته جڏهن آئون وزيراعظم بڻيس ته مون پوليس چيف کان ڪرائيم جي ??ورتحال پڇي ته هن ٻڌايو ته جنسي ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن، فحش مواد تائين پهچ ٻارن کي به موبائيل ذريعي حاصل آهي، ان کي منهن ڏيڻ انتهائي اهم آهي، ان جا تمام گهڻا خراب اثر آهن. وزيراعظم چيو ته طلاق جي ??رح ۾ اضافو اسان جي ??انداني نظام کي سڌوسنئون متاثر ڪري رهيو آهي، والدين ۽ استادن جو احترام ڪرنو آهي، سوشل ميڊيا کان پنهنجي ??يندڙ نسلن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ سوچڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ان مقصد جي لاءِ رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي. اسان سوشل ميڊيا کي ختم نه ٿا ڪري سگهون پر پنهنجي نسلن کي اخلاقي طور تي مضبوط بڻائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين تي واضح قراردادون هجڻ جي ??اوجود اسان ان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. دنيا اسان کي سنجيده نه ٿي وٺي ڇو ته اسان ورهايل آهيون. ڏيڍ ارب مسلمان آبادي انهن ناانصافين کي روڪڻ جي لاءِ آواز اٿاري ته اهو انساني حقن جو مسئلو آهي ته ڪو سبب نه آهي جو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ٿئي. ڪشمير تي عالمي برادري ريفرنڊن جو واعدو ڪيو پر اها نه ڏئي رهي آهي. 5 آگسٽ تي ڀارت ڪشمير جي ??صوصي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي پر عامي برادري خاموش آهي. هو مسلمان دنيا پاران ڪو دٻاءُ محسوس نه ٿا ڪن. وزيراعظم چيو ته مسلمان ملڪن جي پرڏيهي پاليسي جدا جدا آهي جڏهن ته مرڪزي ايشوز ت?? اسان کي متحد ٿي اڳتي وڌڻ جي ??رورت آهي. فلسطين ۾ روزاني جي ??نياد تي انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. مسلمان ملڪ سوشل ميڊيا جي ??ريعي انهن ناانصافين بابت دنيا کي آگاهه ڪن. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جي ??ناسب کي تبديل ڪري رهيو آهي ته جيئن اڪثريت کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، ڀارت ۽ اسرائيل کي ڪير اهڙن قدمن کان نه ٿو روڪي، دنيا مخلف بلاڪس ۾ ورهايل آهي جڏهن ته مسلمان ملڪن کي متحد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن کانپوءِ هڪ مستحڪم افغانستان جو موقعو مليو آهي. جيتري بدامني افغانين ڏٺي ايتري ڪنهن قوم ناهي ڏٺي. ان تي پابنديون هڻڻ ۽ ان کي تسليم نه ڪرڻ کان وڌيڪ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، انهن جي ??نساني بنياد تي امداد انتهائي ضروري آهي، مستحڪم افغانستان افغان سرزمين کي عالمي دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ واحد رستو آهي. هن چيو ته افغاني ڪڏهن ٻاهرئين قبضي کي قبول نه ٿا ڪن، ان کي هو پنهنجي ??ودمختياري کي ان کان خطرو سمجهن ٿا، انهن کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهجي. يوڪرين جي ??والي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته يوڪرين جي ??ورتحال تي پوري دنيا وانگر اسان به پريشان آهيون، او آءِ سي جي پليٽ فارم تان سوچڻ گهرجي ??ه اسان ڪيئن ثالثي ڪندي جنگبندي ڪرائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ان تي ڳالهه ڪندس ته ڪيئن ان بحران کان بچيو وڃي. پوري دنيا تي ان جا منفي اثر پوندا. تيل ۽ ڪڻڪ جون قيمتون وڌي رهيون آهن. گئس جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. جيڪي ملڪ ان تڪرار ۾ ڌر نه آهن اهي ان پوزيشن ۾ آهن ته اهي ان تڪرار کي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مخاطب ٿي چيو ته هو اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهه ڪري. وزيراعظم چيو ته پنهنجو پاڻ تي اعتماد رکندڙ ڪڏهن ناڪامي ناهي ٿيندو. اسان جي ??دقسمتي آهي جو اسان ٻين طرف ڏسون ٿا ته اهي اچي اسان جي مدد ڪندا. اسان کي متحد ٿي هڪ بلاڪ وانگر اسان کي تڪرارن بدران امن جي لاءِ پنهنجي ??اقت ظاهر ڪرڻ گهرجي.