اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عوامي ??سئ??ن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان رابطو بهتر بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ سائنس ۽ ٽي??نا??اجي وفاقي وزير سيد شبلي فراز سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ضلعي چيئرمين گمبٽ ۽ ڪوهاٽ ساجد اقبال به موجود هو. ملاقات ۾ ضلعي ڪوهاٽ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. و??يراعظم چونڊيل عوامي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم کي تيز ڪن پر انهن جي ??سئ??ن جي فوري حل لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڪو??رڊينيشن کي به بهتر بڻائين، ان موقعي تي آزاد چونڊيل ضلعي چيئرمين لاچي، ڪوهاٽ محمد احسان ۽ ڪوهاٽ سٽي ميئر جي آزاد اميدوار شفيع الله پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پارٽي ۾ شموليت تي انهن جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو تڪ جي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪندا.