اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي رسجا جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سماءَ نيوز جي عباس شبير کي صدر، آج نيوز جي آصف نويد کي سين??ر نائب صدر، 92 نيوز جي فهيم اختر، اين اين آءِ جي حافظ عبيد نائب صدر، افضل جاويد کي گورننگ باڊي ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي، هن چيو ته نوان چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، سينيٽ چيئرمين اميد ظاه?? ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پن????جو ڪردار ادا ڪندا