اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آه?? ته ملڪ ۾ روزاني 25،000 ٽن يوريا جي پيداوار ٿيندي آه?? جيڪا اسان جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ لاءِ ڪافي آه??، جيڪي ماڻهو هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۾ ملوث آه?? انهن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڀاڻ خاص طور تي يوريا جي گهرج ۽ پهچ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وز??را??ظم چيو ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مڪئي جا رڪارڊ بمپر فصل پيدا ٿيا ۽ حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري مالي سال 21 -2020ع ۾ آب??دگ??رن 822 ارب روپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي، اضافي آمدني جي نتيجي ۾ آب??دگ??رن پاران يوريا جي وڌيڪ خريداري ٿي آه??، هن چيو ته حڪومت غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڌ کان وڌ پيداوار لاءِ مناسب مقدار ۾ ڀاڻ فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آه??، هن چيو ته آب??دگ??رن کي خاص طور تي ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڀاڻ جي دستيابي ڪڻڪ جي بمپر فصل مادل ڪ??ڻ لاءِ گهڻو اهم آه??.
وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي ربيع جي فصلن لاءِ يوريا جي سپلائي چين جي موثر انتظام لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي انتظاميه جي ذريعي ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ سپلائي چين کان ٻاهر مڊل مين جي ذريعي خريداري کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻي، هن سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڀاڻ جي پروڊيوسرز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن هن سال ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ آب??دگ??رن کي يوريا جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.