اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ ??ديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف تاريخي قدم آهي. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريان مح??ود وسيلن واري پاڪستاني جيڪي پرائيويٽ اسپتالن ۾ بهترين علاج جو سوچي به نه سگهندا هئا هاڻ?? وزيراعظم عمران خان پاران شروع ڪيل صحت ڪارڊ ذريعي هر خاندان ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو پروگرام منهنجو پاڪستان منهنجو گهر هر پاڪستاني جو خواب آهي جيڪو تمام تيزي سان حقيقيت بڻجڻ شروع ٿي ويو آهي، گهٽ لاڳت، ٽي مرله، پنج مرله، 10 مرله گهرن لاءِ بئنڪون 120 ارب روپين جا قرض منظور ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 38 ارب روپين جا قرض بئنڪن ورهائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي محنت جي ڪري هائوسنگ ۽ ڪ??سٽريڪشن سيڪٽر لاءِ بئنڪن جا قرض 355 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن، جيڪي ڊسمبر 2020ع کان 163 ارب روپيا يعني 85 سيڪڙو وڌيڪ آهي جنهن سان هائوسنگ ۽ ڪ??سٽريڪشن سان گڏ جڙيل 120 کان وڌيڪ صنعتن جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيو آهي.