پشاور – پهرين جنوري (اي پي پي) ڀارتي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو. تفصيل موجب ڪرڪ جي تعلقي بانڊه داد شاهه جي علائقي ٽيري ۾ هندو مذهبي پيشوا شري پرم هنس جي مهاراج جي سماڌي ۽ ٽيري مندر جي بحالي (نئين سر تعمير) جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هندو برادري جي ياتري?? جي ٽيري ا??ڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سميت هندو ڪائونسل پاڪستان پاران غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، سال 2022ع جي پهرين ڏينهن ٽيري مندر ۾ مذهبي رسم?? جي ادائيگي جي لاءِ ڇنڇر جي صبح دبئي کان هندو برادري جي 15 مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل قافلو پشاور ايئرپورٽ پهتو جتان انهن کي باحفاظت نموني ٽيري مندر پهچايو ويو جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي پاڪستا?? جي سنڌ صوبي ۽ ٻين علائقن مان هندو برادري جا ماڻهو موجود هئا، ٽيري جي مقامي آبادي پاران مهمان?? جي ا??ڻ جي لاءِ انتظام ڏسڻ لاءِ مليا ۽ مقامي آبادي جا حجرا مهمان خانن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻئي طرف هندو برادري جا ٻار ٽيري جي گهٽين ۾ کيڏندي نظر آيا ۽ بازارن مان سودو سامان پڻ خريد ڪندا رهيا ۽ هندو برادري جا ماڻهو مقامي آبادي سان گهلي ملي ويا. ان موقعي تي هندو برادري جي قانوني معامل?? جي انچارج روهيت ڪمار ايڊووڪيٽ سميت ٻين ياترين پاڪستان حڪومت پاران ٽيري سميت هندوئ?? جي ٻين مذهبي ??اي?? جي حفاظت ۽ ??اي?? کي مذهبي سياح?? جي لاءِ کولڻ جي بهتر قدم کي ساراهيو. سندس چوڻ آه?? ته پاڪستان ۾ مڪمل مذهبي آزادي سان گڏوگڏ مذهبي سياحت جي فروغ سان پوري دنيا کي مثبت پيغام ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان حڪومت جو اهو بهتر قدم پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ڀارتي حڪومت جي لاءِ پڻ هڪ مثبت پيغام آه?? ۽ ڀارتي حڪومت کي پڻ گهرجي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن کي انه?? جي مذهبي ??اي?? تائين پهچ ڏيڻ سان گڏوگڏ مذهبن ۽ انسانيت جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪري. ٻئي طرف ڀارت مان 200 مرد ۽ عو??ت ڀارتي ياترين جو قافلو واهگه بارڊر جي ذريعي صبح اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ اتان لاهور هوائي اڏي کان هوائي جهاز ذريعي پشاور هوائي اڏي پهتو جتان اهو قافلو پشاور کان ٽيري جي لاءِ روانو ٿيو.