اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي شعبي علوم اسلاميه جي سربراهه ڊاڪٽر محي الدين هاشمي مسلمان امت تي زور ڏنو آهي ته فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان بچڻ لا??ِ اختلاف راءِ جا آداب سامهون رکو ۽ مشاورت سان مع??ملا سرانجام ڏيو، مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اختلاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ايوان صدر جي مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. خطبي ۾ هن اسلام ۾ اختلاف راءِ جي آداب کي موضوع بڻايو، هن چيو ته اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي امتي هجڻ جو شرف حاصل آهي، نبي ڪريم ﷺ آخري خطبي حجته الوداع ۾ فرمايو ته پاڻ سڳورا اسان جي لا??ِ ٻه شيون ڇڏي وڃي رهيو آهي، هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو سنت رسول ﷺ، جيڪو به انهن ٻن شين کي مضبوطي سان پڪڙيندو اهو گمراهه نه ٿيندو. هن چيو ته ڪنهن مع??ملي تي اختلاف راءِ هجڻ فطري ڳالهه آهي، علي ترقي ۽ علوم و فنون جو فروغ اختلاف راءِ جو مرهون منت آهي، پر نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات موجب اختلاف راءِ جي آداب کي سامهون رکڻ ضروري آهي. مسلمان امت اڄ فرقن ۾ و??ها??ل آهي ۽ مختلف فرقن جو جتي ڪجهه مع??ملن تي اتفاق آهي اتي ڪجه مع??ملن ۾ اختلاف راءِ جي گنجائش به موجود آهي، هن چيو ته صحابه ڪرام رضه سمورن مسئلن جي حل لا??ِ نبي ڪريم ﷺ سان رجوع ڪندا هئا، اسان جي فقها اسان کي اختلاف راءِ جا آداب سيکاريا آهن، ادب الاختلاف جي بنياد تي ئي پنهنجي راءِ ۾ غلطي جي احتمال ۽ مخالف راءِ م درستگي جو امڪان ک?? به رد نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جديد دنيا اختلاف راءِ جي آداب کي سمجهڻ جي لا??ِ وڏيون ڪوششون ڪيون آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ان جي باقاعده تعليم ڏني ويندي آهي، اسان کي پنهنجي مسجدن ۽ مدرسن ۾ به اختلاف راءِ جي آداب کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي مع??ملن ۾ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو اختلاف راءِ جي ادب کي اختيار ڪري ته جيئن اسان فرقيواريت ۽ امت کي ڪمزور ڪرڻ جي فتني کان محفوظ رهي سگهون.