اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته صحت، احساس ۽ آبادگار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت جو صحت ڪارڊ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ عوام کي صحت جي مڪمل سهولتن جي مفت فراهمي جي حوالي سان منفرد قدم آهي. وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ آبادگار، هيلٿ ۽ احساس ڪارڊ جي اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ ۽ ان ??ي ذريعي ماڻهن کي صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي ٻئي مرحلي کي جل?? لاهور کان ??روع ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي حوالي سان ڪم تيزي سان ??اري آهي. آبادگار ڪارڊ جي حوالي سان ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪارڊ جي ورڇ جو عمل ڏکڻ پنجاب کان ??روع ڪيو ويو جنهن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، آبادگار ڪارڊ سان ??ڌوسنئون سبسڊي سان نه رڳو آبادگ??رن کي معاونت جي فراهمي پر شفافيت جو عنصر پڻ يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ آبادگار ڪارڊ ۾ سبسڊي جي لاءِ وڌيڪ پراڊڪٽس کي شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هيلٿ، آبادگار ۽ احساس ڪارڊ جي ورڇ ۽ ان ??ان لاڳاپيل انتظامن کي جل?? مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي جي لاءِ صحت ۽ احساس ڪارڊ هڪ وڏو ريليف فراهم ڪندا، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ان ??والي سان ??صوصي سيل ٺاهي ڪم ۾ تيزي آندي پئي وڃي. هنچ يو ته لاهور ۾ پڄاڻي کانپوءِ جل?? صحت ڪارڊ جي ورڇ پوري پنجاب ۾ يقيني بڻائي ويندي، صحت، احساس ۽ آبادگار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.