اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين کي گهر، زمين جي خريداري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هي??ن، روشن پنهنجو گهر اسڪيم تحت اهي مشڪلاتون آساني ۾ بدلجي ويندي??ن، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ روشن پنهنجو گهر اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آه??. پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستا??ي ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پاڪستان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪري سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي سميت سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اها اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪري سگهندا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ اڳ کان منظور ٿيل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ ا??اف?? ٿيندو رهندو.