اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ منافع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معا??ي ترقي ۽ روزگار جي ڀرپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوڪا ڪولا لائيسڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان ??صطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪوڪا ڪولا آئسيڪ پاڪستان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪوڪا ڪولا پاڪستان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪوڪا ڪولا ڪمپني پاران ??اڪستان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان منصوبابندي تي آگاهه ڪيو، وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي منصوبي جي حوالي کان به آگاه?? ڪندي ٻڌايو ته ان منصوبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويندو. ان ??ئين پلانٽ جي ڪري مقامي آبادي لاءِ ملازمت جا سڌو سنوان ۽ اڻ سڌا موقعا، ذيلي صنعتن جي لاءِ منافعي جا امڪان ??يدا ٿيندا ۽ حڪومت پاڪستان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.