اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحوليات جي بهتري ايندڙ نسلن جي لاءِ ضروري آهي، عالمي گرمي کا?? بچاءُ ۽ پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو هدف پورو ڪ??ڻ ۽ قومي پارڪس ۾ اضافي جي ضرورت آهي، چين ماحولياتي تبديلي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، هن هڪ گرين سٽي ٺاهيو آهي، اسان ان جي مهارت مان ت??رب?? حاصل ڪري سگهون ٿا، وڻ لڳائڻ جي حوالي سان آگاهي خوش آئنده آهي. هو ملڪ ۾ گرين فنانس ۾ جدت جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.