اسلام آباد – 14 –; مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين عدالت جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيا آهن، توهين عدالت جو لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ تي حملو، پاناما فيصلي تي ??ون کي ڇو ڪڍيو جي تحريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چيو ويو ته ججز ۽ انهن جي گهرڀاتين تي زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي بيان تي ??نهنجي ردعمل ۾ مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ ضمانت ڏني هئي، اها ئي عدالت هاڻي طلب ڪري رهي آهي، ڇا عدالت جو حڪم نه مڃڻ توهين عدالت نه آهي، نيب آزاد ادارو آهي، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آهي، نيب شهباز شريف جي خلاف 7 ارب جو ريفرنس داخل ڪيو، نيب شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو، ڪابينا جي ذيلي ڪم??ٽي جون به سفارشون آهن، قانون موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦرلٽ، مني لانڊرنگ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي رهي، هاڻي اها کليل ڇوٽ ختم، ڦريل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.