اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخو?? ۾ ??وتگيون رڪارڊ ڪي??ن ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنه?? مان 28 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪي?? انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 857 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ مردان ۾ 100 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪي??ن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 74 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو، نوشهره ۾ 67 سيڪڙو ۽ صوابي ۾ 67 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 591 ٽيسٽ ڪي?? ويا ج?? مان سنڌ ۾ 12 هزار 881، پنجاب ۾ 28 هزار 829، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 07، اسلام آباد ۾ 5 هزار 344، بلوچستان ۾ 1 هزار 96، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 1086 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76 هزار 605 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ??و به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪي?? وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 559 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪي??ز جو انگ 84 هزار 935 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 78 هزار 238 آهي.