اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ اولهه جا رهندڙ مسلمانن کان معافي وٺن، نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن جي خلاف اهو ئي معيار اختيار ڪيو وڃي جيڪو هولوڪاسٽ جي خلاف تبصري تي اختيار ڪيو وڃي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئون سڀني تي واضح ڪري ڇڏيان ته اسان جي حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت تڏهن ڪارروائي ڪئي جڏهن انهن ري??ست?? عملداري کي للڪاريو ۽ عوام ۽ قانو?? لا??و ڪندڙ ادارن تي حملي آور ٿيا. هن چيو ته ڪير به آئين ۽ قانون کان مٿانهون نه ٿو ٿي سگهي.