اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي پنهنجي گهرن جي فراهمي جو واعدو پورو ڪنداسين، تعميراتي شعبي کي ڏنل پيڪيج ۽ مراعتن جا اثر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، معاشي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت فراش ٽائون ۾ اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وف??قي وزير شيخ رشيد احمد، سي ڊي اي، ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ جا عملدار به موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته اڄ مون کي وڏي خوشي ٿي رهي آهي ته جنهن منصوبي جي ??سان ايتري عرصي کان تياري ڪري رهيا هئاسين ان تي ڪم جو آغاز ٿي ويو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان مارگيج فنانسنگ لاءِ بئنڪن سان ڳالهيون ڪيون، انفراسٽرڪچر بڻايو ته جيئن عام ما??هو کي گهر جي ??عمير لاءِ سستو قرض ملي سگهي ۽ غريب ما??هو به پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي ??گهي، هاڻي هائوسنگ جون اسڪيمون ۽ بئنڪ به قرض ڏيڻ تي تيار ٿي چڪا آهن. فراش ٽائون ۾ 2 سالن جي ??ندر ماڻهن کي فليٽس تعمير ڪري ڏنا ويندا، ان منصوبي تي ايف ڊبليو او ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيرا??ظم چيو ته بئنڪ عام ما??هو کي گهر جي ??عمير لاءِ قرض نه ڏيندي هئي، هاڻي به بئنڪن جي هيٺين اسٽاف طرفان ڪجهه رڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن جنهن کي ختم ڪيو پيو وڃي، سي ڊي اي کي مبارڪون ڏيان ٿو ته جنهن نئون پاڪستان هائوسنگ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان سي ڊي اي ۾ ون ونڊو آپريشن ۽ آٽوميشن طرف وڃي رهيا آهيون، ماڻهن کي اجازت ناما حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، آٽوميشن ۽ ون ونڊو آپريشن سان انهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون. وزيرا??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته جهڙي طرح ايف ڊبليو او رڪارڊ مدي ۾ ڪرتار پور راهداري جي منصوبي کي مڪمل ڪيو اهڙي طرح نئون پاڪستان هائوسنگ جي ??ن منصوبي کي به رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيوويندو. وزيرا??ظم چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ تحت ان منصوبي جي ??ريعي پهرين 2 هزار فليٽس ان طبقي کي فراهم ڪيا ويندا جيڪي پنهنجو گهر بڻائڻ جو سوچي به نه سگهندا هئا ۽ اهي عام ما??هو صرف پنهنجي گهر جو خواب ئي ڏسي سگهندا هئا. ان اسڪيم جي ??ريعي جيڪو پئسو گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندا هئا اهو ئي بئنڪن جي قرض جي ??ورت ۾ ڏئي پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي ويندا، اهو منصوبو عام مزدور، مڪينڪ، ويلڊر جهڙن پورهيت طبقن لاءِ آه?? جنهن وٽ پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن پئسو نه هوندو هو، اسان هارين لاءِ به رهائشي منصوبو وٺي اينداسين.وزيرا??ظم چيو ته حڪومت هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي لاءِ 3 لک روپين جي ??بسڊي ڏئي رهي آهي، سي ڊي اي 600 گهر ڪچي آبادي جي ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، ڪنهن ان باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو، انهن غير قانوني ڪچي آبادين ۾ سيوريج سسٽم آهي نه پيئڻ جو صاف پاڻي، اسان ڪچي آبادين کي تبديل ڪنداسين ۽ کين مالڪاڻا حق ڏينداسين.