??سل??م آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ??تا?? خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ??تا?? پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ ??سل??مو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي ج?? ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ ??سل??م بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ ??سل??مو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪ??تا?? وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علائقائي ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرار ڏيندي اسپيڪر فليگ شپ چين پاڪ??تا?? اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪ??تا?? طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.