اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي ??دايت تي هيومن رائيٽس جي ??ارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي ??ندر جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي ??وجودگي ۾ ٿيو. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي ??ندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي ??قدس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.