اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته م??حولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج ??هي، سرسبز علائقن ۾ وڻن کي وڍي وڏيون عمارتون اڀيون ڪيون ويون، ماضي جون حڪومتون ٻ??لن جي زمين سياسي مقصدن لاءِ ماڻهن کي ليز تي ڏينديون رهيون، ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي منصوبي سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلين ٽري سونامي منصوبي تحت ملڪ ۾ ماکي جي پيداوار وڌائڻ جي پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.